سکر : ھينئر وري سپلا جي اڳواڻ نامور پروفيسر عبد الجبار جوڻيجو مٿان حملو ڪري کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آھي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن سپلا سکر ريجن جو ھنگامي اجلاس سپلا جي ريجنل جنرل سيڪريٽري پروفيسر مشتاق احمد ڦلپوٽو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ قبضه مافيا جي غنڊن پاران سپلا جي سينئر اڳواڻ پروفيسر عبد الجبار جوڻيجو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن مذمت ڪندي اھو پڻ چيو ويو ته ڊگري ڪاليج شھداد ڪوٽ جي پلاٽ تي ھلندڙ تڪرار جي ڪري اول به ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر احمد نواز ڪنگو مٿان حملو ڪيو ويو ھو ھينئر وري سپلا جي اڳواڻ نامور پروفيسر عبد الجبار جوڻيجو مٿان حملو ڪري کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي اسين ايس ايس پي شھداد ڪوٽ سميت سموري انتظاميه کان گھر ڪريون ٿا ته جلد از جلد حملي آورن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي اجلاس ۾ شريڪ سپلا اڳواڻن پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو پروفيسر محمد ايوب مري پروفيسر غفران الله بلوچ پروفيسر الطاف حسين کھڙو پروفيسر لعل بخش ڪلھوڙو پروفيسر ملھار سنڌي پروفيسر لعل بخش سوھو پروفيسر شھاب الدين مڱڻ ۽ ٻين چيو ته پروفيسر عبد الجبار جوڻيجو ھڪ نامور پروفيسر سان گڏ بھترين سماجي شخصيت پڻ آھي ان تي حملو سنڌ جي شعور ۽ ساڃاھ تي حملو آھي اڳواڻن چيو ته پلاٽ ڪاليج جي ملڪيت آھي سپلا جو اھو موقف رھيو آھي ته شھدادڪوٽ ڊگري ڪاليج جي پلاٽ سميت سنڌ جي ٻين ڪاليجن جي عمارتن ۽ پلاٽن تي قبضه ختم ڪيا وڃن اڳواڻن چتاء ڏنو ته پروفيسر عبد الجبار جوڻيجو مٿان ڪيل حملي ۾ ملوث جوابدارن کي اگر فوري طور تي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

Read Previous

آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون اڄ ٿينديون، دنيا جي طاقتور شخص جو فيصلو آمريڪي عوام ڪندي

Read Next

نوشهروفيروز ۾ بلدياتي ملازمن پاران پگهارون آن لائن نه ٿيڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

Most Popular