پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي شھيد بينظيرآباد پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ عنايت علي رند، امام الدين ڪيريو، قاضي نديم، فاروق چانڊيو، فياض قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انصاف ھائوس کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھڪ مخصوص ٽولو پاڻ کي وڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي خلاف ڳالهائي رھيو آھي جيڪو انتھائي مذمت جوڳو عمل آھي، ھنن چيو ته پاڪ فوج جون پاڪستان جي لاءِ قربانيون آھن، پاڪ فوج جا جوان پاڪستان جي سرحدن تي بيھي ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪن ٿا، جن جي خلاف اسان ھڪ لفظ به نٿا ٻڌي سگھون، ھنن چيو ته ھڪ مخصوص ٽولو جنھن پنھنجي اقتدار جي دور ۾ سنڌ کي تباھي جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو آھي اھي ھاڻ سنڌ سان سچائي جو ڊرامو رچائي عوام سان دوکو ڪري رھيا آھن، ھنن چيو ته عمران خان چورن ۽ ملڪ لٽيندڙن جو خاتمو ڪري ملڪ جو ڀلو چاھي ٿو جيڪو ھڪ ڏينھن ضرور ٿيندو، ھنن چيو ته پاڪ فوج خلاف واويلا بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

Read Previous

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي انٽري ٽيسٽ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري انٽري ٽيسٽ ٽن ڏينهن ۾ ورتي پئي وڃي

Read Next

پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لا احتجاج ڪري تحفظ جي گهر ڪئي

Most Popular