قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي انٽري ٽيسٽ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري انٽري ٽيسٽ ٽن ڏينهن ۾ ورتي پئي وڃي

نوابشاھه:(رپورٽ:دانش حيدر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھه ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس جي مختلف انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽن ۽ ٻين شعبن ۾ بئچ 2020 ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري ھڪ ڏينھن واري انٽري ٽيسٽ ٽن ڏينهن ۾ ورتي پئي وڃي، انھيءَ سلسلي ۾ اڄ 1253 اميدوارن انٽري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، انھيءَ موقعي تي قائد عوام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ٻڌايو ته ڪورونا وائرس سبب  ايس او پيز تي عمل ڪندي انٽري ٽيسٽ  ٽي چار ۽ پنج نومبر تي سينٽرل   لائبريري ۾  ورتي پئي وڃي ھن چيو ته ھر ڏينھن ٻن شفٽن ۾ انٽري ٽيسٽ  صبح جو 10 وڳي کان 11 وڳي تائين ۽ منجھند 2 وڳي کان 3 وڳي تائين ورتي ويندي ھن چيو ته 3 نومبر تي ٽن ضلعن شھيد بينظيرآباد سکر خيرپور جي شاگرد اميدوارن جي انٽري ٽيسٽ ورتي ويندي جڏھن ته 4  نومبر تي نوشھروفيروز سانگھڙ گھوٽڪي لاڙڪاڻو  قمبر شھداد ڪوٽ ضلعن جي اميدوارن جي انٽري ٽيسٽ ورتي ويندي جنھن بعد  5 نومبر تي مٽياري ڄام شورو ٽنڊو الھيار ڪراچي دادو بدين ٽنڊو محمد خان ٺٽو حيدرآباد جيڪب آباد ميرپور خاص ڪشمور عمر ڪوٽ شڪارپور ٿرپارڪر ضلعن جي اميدوارن جي انٽري ٽيسٽ ورتي ويندي  ھن چيو ته ھن سال 3439 فارم وڪرو ٿيا  3388 وصول ٿيا  جن مان 28 فارم مختلف سببن جي ڪري رد ٿيا جڏھن ته 3360 شاگرد اميدوار انٽري ٽيسٽ ڏيندا، ھن چيو ته ٽوٽل 51 بلاڪ ٺاھيا ويا آھن پھرين ڏينھن 1253 شاگرد ٻئي ڏينھن 1057 شاگرد ٽئين ڏينھن 1050 شاگرد اميدوار انٽري ٽيسٽ ڏيندا قائد عوام يونيورسٽي ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس جون ٽوٽل 1092 سيٽون آھن جن ۾ 853 انجنيئرنگ 239 سائنس جون سيٽون شامل آھن جن مان قائد عوام يونيورسٽي جون 892 جڏھن ته لاڙڪاڻو ڪئمپس جون 2 سو سيٽون آھن ھن سال 3021 شاگرد ۽ 339 شاگردياڻيون انٽري ٽيسٽ ڏئي رھيون آھن، جڏھن ته ٽيسٽ جي پھرين ڏينھن سيڪورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا.

Read Previous

دادو ۾ مري برادري جي سوين ماڻهن جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سندس پٽ فرحان مري کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

Read Next

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي

Most Popular