ڪنڌرا لڳ روشن آباد جي شاخن تي ايريگيشن داروغي عبدالنبي جاگيراڻي ۽ سندس ڀاءُ بيلدار اختيار جاگيراڻي ڳوٺاڻن سان ڪلور ڪري ڇڏيا

ڪنڌرا (رپورٽر ) ڪنڌرا لڳ روشن آباد جي شاخن تي ايريگيشن داروغي عبدالنبي جاگيراڻي ۽ سندس ڀاءُ بيلدار اختيار جاگيراڻي ڳوٺاڻن سان ڪلور ڪري ڇڏيا ڪنڌرا پوليس سان ملي ڀڳت ڪري ايريگيشن جي شاخن ۽ روڊس کاتي جي سائيڊن سان ناياب قسم جا وڻ ڪٽرائڻ لڳا اهڙو احتجاج فقير علي در جانوري زبير جانوري وحيد علي جانوري جن ڪنڌرا جي صحافين جي اڳيان ڪيو هنن چيو ته جهيڙن کان ڀڳل داروغو ۽ بيلدار جن ڪنڌرا ۾ اچي  آباد گارن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ ۽ لٽڻ لڳا آهن هنن وڌيڪ چيو ته  ايريگيشن جي شاخن ڪروڙين رپين جا وڻ ڪٽرائي وڪرو ڪري ان مان ملندڙ رقم پنهنجي جيب ۾ وجهي ڇڏيندا آهن هنن چيو ته روشن آباد جي اتر طرف روڊس کاتي ۽ پبلڪ هيلٿ جي ديوار  سان اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪافي وڻ پوکيا هيا جيڪي تمام وڏا ٿي چڪا آهن جن کي هن وقت ٻئي ڀائر ڪٽرائڻ جا سانڀاها ڪري رهيا آهن ان کان علاوه اسان کي بليڪ ميل ڪري اسان جي پوکيل وڻن تي هٿ جا نمبر هڻي ڇڏيا آهن اهي وڻ ايريگيشن جي حد ۾ نه پر روڊس کاتي جي حد ۾ اچن ٿا هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته هي ٻئي ڀائر هر دفعي اسان کان هزارين روپيا آفيسرن جي نالي تي رشوت وٺي تنگ ۽ پريشان ڪري رهيا آهن هنن ايريگيشن جي چيف انجنيئر سکر، نيب جي اعلي عملدارن ۽ اينٽي ڪرپشن سکر کان پرزو مطالبو ڪيو آهي ته ظالم ۽ راشي داروغي ۽ سندس ڀاءُ بيلدار مٿان قانوني قدم کڻي ڪروڙين رپين جا ناياب وڻ ڪٽرائڻ جو حساب ڪتاب ورتو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسين چيف انجنيئر سکر آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين

Read Previous

اڳوڻي ٽائون چيئرمين مٽياري سيد سڪندر علي ۽ سيد سردار علي شاه جي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي آهي

Read Next

قاضي احمد شھر جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شبير چانڊيو جي هڪ ڀيرو ٻيهر موٽر سائيڪل چوري قاضي احمد ٿاڻي تي ڪيس داخل، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

Most Popular