قاضي احمد شھر جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شبير چانڊيو جي هڪ ڀيرو ٻيهر موٽر سائيڪل چوري قاضي احمد ٿاڻي تي ڪيس داخل، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) قاضي احمد شھر جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شبير چانڊيو جي هڪ ڀيرو ٻيهر موٽر سائيڪل چوري قاضي احمد ٿاڻي تي ڪيس داخل، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.قاضي احمد شھر جي معزز شخصيت سول سوسائٽي اڳواڻ ڊاڪٽر شبير چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2019 ۾ گھر ٻاهران شير محمد ڪالوني مان ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم چور منھنجي 125 موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا هئا جنهن جي ايف آئي آر قاضي احمد ٿاڻي تي ڪٽائي هئي جنهن بعد بار بار ٿاڻي جا چڪر ڪاٽيندو رهيس مگر ان جو ڪوبه تدارڪ ته نه ٿيو الٽو 20 جولائي 2020 جي رات جو چور منھنجي گھر مان سي ڊي 70 موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا، صبح جو موٽر سائيڪل واري هنڌ تان آسان کي هڪ جيز سم 03083618284 ملي جيڪا مان کڻي قاضي احمد ٿاڻي تي پهتس مون سم قاضي احمد پوليس حوالي ڪري موٽر سائيڪل چوري جي ڪيس داخل ڪرايو، ليڪن پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي رهي آهي جنهن بعد مان ايس ايڇ او قاضي احمد مقصود رضا مڱڻھار جا بار بار چڪر لڳائيندو رهيس مگر ان به آسرن کان سواء ڪابه ڪارروائي عمل ۾ نه آندي، ٻيو ته ٺهيو جيز سم جنهن همراھ جي نالي ظاهر ٿي آهي ان کي گھرائي انڪوائري ڪرڻ به مناسب ناهي سمجھيو. نيٺ مجبور ٿي مان ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي اعليٰ اختيارين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ء ايس ايس پي نوابشاھ کان گهر ڪريان ٿو ته مونکي پنهنجون موٽر سائيڪلون واپس ڏياري ڦورو گرفتار ڪري شھر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي ٻي صورت م اسان قاضي احمد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرا ڪنداسين.

Read Previous

ڪنڌرا لڳ روشن آباد جي شاخن تي ايريگيشن داروغي عبدالنبي جاگيراڻي ۽ سندس ڀاءُ بيلدار اختيار جاگيراڻي ڳوٺاڻن سان ڪلور ڪري ڇڏيا

Read Next

پنو عاقل جي ڳوٺ سانگين جي رھواسي مزدورن سانگي پوليس جي ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب سکر آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي

Most Popular