شيعا علماء ڪائونسل تعلقه صوڀوديرو پاران 17 ربيع الاول رسول پاڪ جي آمد جي سلسلي ۾ ريلي

راڻيپور۔ شيعا علماء ڪائونسل تعلقه صوڀوديرو پاران 17 ربيع الاول رسول پاڪ جي آمد جي سلسلي ۾   سوڀوديرو کان ميلادالصادقين لبيڪ يارسول الله ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي شيع علماء ڪائونسل اڳواڻن سيد محسن علي نقوي سيد جمن علي شاھ شفيق احمد بروھي مولوي علي ڏنو سولنگي مولانا لياقت علي ڪمي زنوار امداد بوئو غلام شبير ٽڳڙ  جي اڳواڻي ۾ ميلاد صادقين لبيڪ يا رسول الله ريلي ڪڍي وئي  جيڪا تعلقه سوڀوديرو جي شھرن  نواڙو ونگ سڳيون ميرڪ سمي ھنڱورجا شاھ جي مشين گڏيجي کان ٿيندي  راڻيپور باب دستگير گيٽ تي پھتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ربيع الول جو مهينو رحمتن وارو مهينو آھي جنهن ۾ رسول پاڪ جي ولادت امام جعفر صادق جي ولادت آھي جيڪا اسان مسلمان وڏي عقيدت احترام سان ملهائيندا آھيون رسول پاڪ جو پيغام محبت ۽ ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام آھي جنهن کي رسول پاڪ جي زندگي کي مشعل راھ بڻائي اسان کي فرقواريت ختم ڪري امن ۽ محبت جو پيغام عام ڪجي جڏهن ته اڳواڻن فرانس ۾ گستاخانا خاڪن جي مذمت ڪئي جنهن کانپوء ريلي زنوار حاجي غلام حسين ملاح جي رهائشگاھ  وٽ پهتي جتي نگرنياز تقسيم ڪيو ويو

Read Previous

پنو عاقل جي ڳوٺ سانگين جي رھواسي مزدورن سانگي پوليس جي ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب سکر آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي

Read Next

سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف احتجاج

Most Popular