سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز:  سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، نوید تگر،   سلام سومرو رمضان مڱڻیجو۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي جڏهن ته پئٿالاجسٽ، دل، سرجري، نڪ، گلي، گردن، الٽرا سائونڊ ۽ ڊائلاسز سينٽر ۾ نيفرولاجسٽ سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون اڻ لڀ آهن. بيمار مريضن کي ريفر ڪرڻ سميت مري ويندڙ مريضن جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ٿي ڏني وڃي۔  هنن چيوته ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريل ٽراما سينٽر بابت اڃا تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي. هنن چيو ته اسپتال جو آپريشن ٿيٽر مڪمل طور تي ستن سالن کان بند آهي ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيا ڪيا وڃن. هنن چيو ته 30مھینن کان لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود به حڪمران سول اسپتال ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري مجبور ٿي شهرين رت جا ڏيئا ٻاري احتجاج ڪيو چوندیل نمائیندن جی درن تی درٹا ھنیا پر سنڌ حڪومت اڃا تائين تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽر انسٽال ڪر اسپتال کي اپ گريڊ ڪري سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔

Read Previous

شيعا علماء ڪائونسل تعلقه صوڀوديرو پاران 17 ربيع الاول رسول پاڪ جي آمد جي سلسلي ۾ ريلي

Read Next

نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ سانوڻ خان رند ۾ سرڪار دو جهان حضرت محمد مصطفيٰ صلی الله عليه وسلم جي شان ۾ هڪ موٽر سائيڪل ريلي

Most Popular