ڪراچي: گيس سيلينڊر ڦاٽڻ سبب ڦوڪڻا وڪڻندڙ ۽ ٻار اجل جو شڪار ٿي ويا

ڪراچي: سهراب ڳوٺ ۾ گيس سيلينڊر ڦاٽڻ سبب ڦوڪڻا وڪرو ڪندڙ ۽ هڪ ٻار اجل جو شڪار ٿي ويا. پوليس موجب اهڙو افدسوناڪ واقعو سهراب ڳوٺ جي علائقي جوڻيجو ڪالوني ۾ پيش آيو جتي فوڪڻا وڪڻندڙ هڪ رڪشي ۾ سيلينڊر کڪر ڦوڪڻا وڪرو ڪرڻ لاءِ اڪثر هن علائقي ۾ ايندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته اڄ جمعي جي ڏينهن به ڦوڪڻا وڪرو ڪندڙ همراهه رڪشي ۾ پنهنجو سيلينڊر رکي علائقي ۾ پهتو ته اوچتو ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ويجهو بيٺل 12 سالن جو ٻار ۽ ڦوڪڻا وڪڻندڙ اجل جو شڪار ٿي پيا جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ ٻه ٻارڙيون به شامل آهن. ايڌي جي ترجمان موجب واقعي ۾ مري ويلن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته زخمين کي به طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو آهي.

Read Previous

ق ليگ اڳواڻ چوڌري شجاعت جي طبيعت خراب ٿي پئي، اسپتال داخل

Read Next

نوازشريف جي تقرير ٻڌي ڌچڪو لڳو، فوجي قيادت جو نالو وٺڻ هن جو پنهنجو فيصلو هو: بلاول

Most Popular