ق ليگ اڳواڻ چوڌري شجاعت جي طبيعت خراب ٿي پئي، اسپتال داخل

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت خراب ٿي پئي جنهن کي بعد ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو. تفصيلي طبي معاني لاءِ سروسز اسپتال جو ميڊيڪل بورڊ تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ عثمان بزدار اسپتال پهچي چوڌري شجاعت جي عيادت ڪئي، پنجاب اسميبلي جو اسپيڪر پرويز الاهي به اسپتال ۾ موجود هو. صحت جي صوبائي وزير ياسمين راشد چيو آهي ته چوڌري شجاعت کي نمونيا جو اٽيڪ ٿيو هو جنهن ڪري ساهه جو مسئلو ٿيو، هن جي آڪسيجن ليول هاڻ ٺيڪ آهي.

Read Previous

ڪورونا جي ٻين لهر، پاڪستان ۾ ريڪارڊ فوتگيون

Read Next

ڪراچي: گيس سيلينڊر ڦاٽڻ سبب ڦوڪڻا وڪڻندڙ ۽ ٻار اجل جو شڪار ٿي ويا

Most Popular