سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
اڄڪلھ شينھن ۽ گدڙ جي سڃاڻپ ڪرڻ تمام ڏکي ڳالھه آھي، ڪٿي شينھن جي کل ۾ گدڙ لڪيل ملي ٿو ته ڪٿي وري ٻاھران معاشري جي ناجائزين کان لڪي ويٺل شينھن گدڙ جي کل اوڍي وقت کي تبديل ڪرڻ لاءِ انتظار ڪندي گذاري ٿو، پر وقت جي تقاضائن کي سامهون رکي، فقط ظاھري ويس جي تبديلي ٿئي پئي پر جنس ڪو نه ٿي مٽجي رڳو چھرا لڪن پيا، اڄڪلھ ڪاغذي شينھن، ڪوڙا ٻٽاڪي، دوکي باز منافق، حسدي ٻانھون لوڏي ائين گھمندين ڏسبا ڄڻ ڪي وڏا واقعي ڪرداري شينھن هجن، اھڙيون جھلڪيون پيا ڏيندا ڄڻ کير به ڪنهن شينهن جو نصيب ٿيو هجين، اصل ۾ کير انهي تربيت جو نالو آهي جنهن درسگاه جي تعليم جو سبق آهي، جيڪو هنن جاهلن کي سانڀيان ٿيڻ خوش نصيبي آهي، اھڙيون نقلون ۽ ظاھري تصويري نمائش پيا ڪندا جو توھان جون اکيون دوکو کائي وينديون، خبر تڏھن پوندي جڏھن ھُنن کي معاشري ۾ لالچ ۽ لوڀ ۾ ڪا ناڪامي نظر اچڻ لڳي ته اوچتو شينھن جي شڪل ۾ بي وقتائتو گدڙ جون اونايون ڪرڻ لڳندا، ڇو ته ويس مٽجڻ سان اندر جو لڪيل شيطان ۽ گدڙ جون ٺڳيون ختم نه ٿينديون، ھو ھميشه شينھن جو ڪيل شڪار ان جي ويس ۾ تبديل ٿي کائڻ جا شوقين هوندا آهن، پڪل ٺهيل جو مزو ئي پنهنجو آهي، اهو وري مفت جو هجي خير خيرات وارو سمان هجي، جيڪڏھن اوچتو ڦاسي پئي ٿو ته پوءِ لڪڻ به مشڪل ٿيو پوي، ھا ڀڄڻ جو ڏاڍو تکو آھي، شينھن ۽ ھاٿي کان به نه گھٻرائي پر ھي لڪل گدڙ فارمي ڪڪڙ ڏسيو گنگ لاڙيو ڇڏي، ائين پنھنجي اصلي نسل کي ظاھر ڪريو ڇڏي، ائين گھماٽيو اچيو ٻين سان گڏ ويھي، ھرڪو سمجھي ته واھ ھمراھ واقعي اصل آھي، پر افعال لڪي ناھن سگھندا، اندر جو ساڙو سڙندو خارج ٿيندو رھندو آھي، اھڙن گدڙن ڏاڍو نقصان ڏنو آھي اسان جي معاشري کي، انھن اٻوجھ انسانن سان گڏ ھلي انھن جون مجبورين جو فائدو وٺي انهن کي وڏو نقصان ڏنو آهي، ان جي پھرين ترجيح شڪل مٽائي ساڳي شڪل ۾ گدڙ وارا کيل کيڏڻ آهي، جيڪڏهن حسدي اونايون نه ڪن.
بس دوستو، حوصلو رکو، خبرداري رکو، اھڙا ڪردار اسان کي ضرور گڏبا ھر جڳھ تي، گدڙ جي شڪار تي وڃجي، ته شينھن جو سامان کڻي وڃجي، لاپرواھي نه ڪجي، ھٿيار سڀ ساڻ ھجن، ھي گدڙ نفساني ۽ شيطاني شينھن جي صحبت ۾ ڪجھ وقت رھيو ضرور آھي تنھن ڪري مٺي ماٺ ۾ پنھنجي سيرت ۽ صبر سان ھن کي مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ تي مجبور ڪريو.