2 نومبر کان 6 نومبر 2020 تائين جاري انسداد پوليو مهم جي آخري ڏينهن به جاري

مٽياري : ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو جي هدايتن تحت 2 نومبر کان 6 نومبر 2020 تائين جاري انسداد پوليو مهم جي آخري ڏينهن تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر يار محمد کوسو ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ پهچي 50 کان وڌيڪ پوليو کان بچائو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري ٻارڙن جي والدين کي قائل ڪري ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ۽ سڀني معزز شخصيتن توڙي سول سائٽي تي زور ڀريو ته هو پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا عبدالفتاح پنهور، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر امتياز ڪاڪا، تعلقه هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نظير احمد ملاح، ڊاڪٽر ونود ڪمار، ڊاڪٽر عمران ۽ ٻيا عملدار موجود هئا. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سڀني والدين تي زور ڀريندي چيو ته هو پنهنجي ٻارڙن کي مستقل معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو کان بچائو جا ڦڙا پيارين ۽ پوليو بابت هلندڙ غلط افواهن تي ڪنهن به قسم جو ڌيان نه ڏين. هن چيو ته هڪ لک، 61 هزار، 984 ٽارگيٽ هو جڏهن ته هڪ لک 62 هزار 809 ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پياريا ويا.

Read Previous

مٺيون ڀيري ڀڄ جي ڪڙي گدڙ جي شڪار تي وڃجي، ته شينھن جو سامان کڻي وڃجي

Read Next

سنڌ سان محبت رکندڙ محبت سنڌ ريلي سان گڏ آھن : راشد محمود سومرو

Most Popular