اسلام آباد: ڪورونا جي پکيڙ سبب وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد انتظاميه طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا جا ڪيس سامهون اچڻ سبب اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ 8 ٿري، آءِ 8 فور، جي سڪس 2، جي 9 ون ۽ سيڪٽر جي 10 فور ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. پر ميڊيڪل ايمرجنسي،کائڻ پيئڻ جي ضروري شين ۽ دوائون خريد ڪندڙن کي ڇوٽ حاصل هوندي. نوٽيفڪيشن موجب پنجن سب سيڪٽرز کي سومر 9 نومبر تي صبح 10 وڳي سيل ڪيو ويندو. پنجن ئي سب سيڪٽرز تي پوليس کي مقرر ڪيو ويندو.ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جون ٽيمون ڪيترن ئي سيڪٽرز ۾ ماڻهن کي قرنطينه ڪرڻ جي لاءِ سيمپلنگ ڪري رهيون آهن.