پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات پنهنجي خوابن جي شهزادي بابت ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي:  پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات تازو ئي هڪ شو جي دوران پنهنجي خوابن جي شهزادي جي باري ۾ ٻڌايو آهي.  يو ٽيوب چينل ناشپاتي تان نشر ٿيندڙ آن لائن شو(بائي دا وي) جون جهلڪيون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون جنهن ۾ مهوش حيات انٽرويو ڏيندي نظر اچي رهي آهي. ميزبان مهوش حيات کان ان جي مستقبل جي مڙس جي حوالي  سان پڇندي چيو ته اوهان جي خوابن جو شهزادو ڪيئن  هجڻ گهرجي؟  جنهن تي مهوش حيات جواب ڏنو ته ان شخص جو قد ڊگهو هجڻ گهرجي. اڇو ڪلر نه هجي تڏهن به هلندو پر ان شخص جي پرسنالٽي سٺي هجڻ گهرجي. هن  ۾ مرداني خوبيون هجڻ گهرجن.  مهوش حيات جو جواب ٻڌي شو جي ميزبان چيو ته اوهان جي خيال موجب هڪ شخص آهي جيڪو گذريل ٿيندڙ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ جو ميمبر بڻجو آهي.  مهوش حيات پڇيو ته ڪير آهي اهو شخص؟ جنهن تي ميزبان وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته اهو شخص بااثر ۽ نوجوان آهي جنهن تي مهوش حيات اندازو لڳائيندي بلاول ڀٽو جو نالو ورتو. جنهن تي ميزبان  کلندي کيس جواب ڏنو ته مون ته اهو نالو ناهي ورتو.

Read Previous

اختلاف وساري آمريڪا جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين: جوبائيڊن

Read Next

ڪورونا وائرس: اسلام آباد جي پنج سب سيڪٽرز ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو

Most Popular