ڪورونا وائرس: اسلام آباد جي پنج سب سيڪٽرز ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو

اسلام آباد:   ڪورونا جي پکيڙ سبب وفاقي گادي واري شهر جي مختلف علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.  رپورٽ موجب اسلام آباد انتظاميه طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا جا ڪيس سامهون اچڻ سبب اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ 8 ٿري، آءِ 8 فور، جي سڪس 2، جي 9 ون ۽ سيڪٽر جي 10 فور ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. پر ميڊيڪل ايمرجنسي،کائڻ پيئڻ جي ضروري شين ۽ دوائون خريد ڪندڙن کي ڇوٽ حاصل هوندي.  نوٽيفڪيشن موجب پنجن سب سيڪٽرز کي سومر 9 نومبر تي صبح 10 وڳي سيل ڪيو ويندو. پنجن ئي سب سيڪٽرز تي پوليس کي مقرر ڪيو ويندو.ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جون ٽيمون ڪيترن ئي سيڪٽرز ۾ ماڻهن کي قرنطينه ڪرڻ جي لاءِ سيمپلنگ ڪري رهيون آهن.

Read Previous

پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات پنهنجي خوابن جي شهزادي بابت ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

گلگت جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته موجوده حڪومت کي هاڻ گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular