آمريڪا کان پوءِ روس به ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

واشنگٽن:   آمريڪي دوائون تيار ڪندڙ اداري کان پوءِ روس به ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي صحت جي وزارت جي انتظام هيٺ هڪ تحقيقي اداري جي ڊائريڪٽر اوسڪاناڊراپڪينا چيو آهي ته اسپوٽنگ يو ويڪسين ڪورونا جي خلاف 90 سيڪڙو کان وڌيڪ بهتر ثابت ٿي آهي. اوسڪاناڊراپڪينا جو چوڻ آهي ته اسان ويڪسين جي آزمائشي نتيجن تي نظر رکندا پيا اچون اها سٺي خبر آهي ته ان جا نتيجا 90سيڪڙو کان وڌيڪ مثبت آهن.  رپورٽ موجب آخري مرحلي جي آزمائش مڪمل نه ٿيڻ جي باوجود اختيارين مقامي طور تي ويڪسين جي استعمال جي تياري شروع ڪري ڏني آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته هو آمريڪي دوائون تيار ڪندڙ اداري فائزر جي طرفان ويڪسين جي تياري جي اعلان کي خوش آمديد چون ٿا. انهن کي يقين آهي ته وائرس جي خلاف روس جي اسپوٽنگ يو ويڪسين جو معيار به بهتر هوندو. روسي اختيارين طرفان ويڪسين جي تياري جي دعويٰ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن فائزر ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيارڪرڻ ۾ ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي. فائزر دعويٰ ڪئي آهي ته جرمني جون دوائون تيار ڪندڙ اداري بائيون ٽيڪ سان گڏ گڏيل طور تي تيار ڪيل ويڪسين پنهنجي ٽئين آزمائشي مرحلي ۾ ڪورونا کي روڪڻ ۾ 90 سيڪڙو بهتر ثابت ٿي آهي. آمريڪي دوائون تيار ڪندڙ اداري جو چوڻ آهي ته وڏي پيماني تي ڪيل ڪلينڪ ٽرائل جا نتيجا ڪامياب رهيا آهن ۽ اڃان تائين ڪورونا ويڪسين جي تجربن ۾ ڪابه ڳڻتي جهڙي ڳالهه سامهون ناهي آئي.

Read Previous

ٽڪ ٽاڪ لاڳيتو ڇهون ڀيرو سڀني کان وڌيڪ ڊائون ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي

Read Next

سڄي ملڪ ۾(گو نيازي گو) جا نعرا لڳي چڪا آهن، حڪمران جيئن آيا اهڙي طرح واپس ويندا: مريم نواز

Most Popular