ٽڪ ٽاڪ لاڳيتو ڇهون ڀيرو سڀني کان وڌيڪ ڊائون ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي

بيجنگ:   لپ سنڪنگ جي مشهور چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ لاڳيتو ڇهون ڀيرو دنيا جي سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ نان گيمنگ ايپ بڻجي وئي .آمريڪا ۽ ڀارت ۾ پابندين جي باوجود به چيني لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ جي مشهوري ۾ واڌ رڪجي نه سگهي. موبائيل ايپ جي درجه بندي ڪندڙ ڪمپني سينسر ٽاور جي تازي رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ هلندڙ سال مئي ۾ دنيا جي سڀني کان وڌيڪ ڊائوڊ ڪئي ويندڙ ايپ بنجڻ کان پوءِ هاڻ لاڳيتو ڇهون ڀيرو به دنيا جي سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ ايپ بڻجي وئي آهي.   رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ آڪٽوبر 2020 ۾ به  سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ نان گيمنگ ايپ بڻجي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو  ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ کي آڪٽوبر 2020 ۾ 66 ملين صارفين ڊائون لوڊ ڪيو جيڪا آڪٽوبر 2019 جي مقابلي ۾ 9.5 سيڪڙو واڌ آهي.

Read Previous

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽيون ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏيو ويندو

Read Next

آمريڪا کان پوءِ روس به ڪورونا ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

Most Popular