آءِ جي سنڌ واقعو: رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي آفيسرن کي ذميوارين تان هٽايو ويو

راولپنڊي:   پاڪ فوج پاران ڪيپٽن(ر) صفدر جي گرفتاري واري واقعي تي آءِ جي سنڌ جي خدشن جي معاملي جي جاچ مڪمل ڪري سنڌ رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي لاڳاپيل آفيسرن کي ذميوارين تان هٽايو ويو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جي هدايت تي ڪيل جاچ موجب سنڌ رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ ڪراچي جي آفيسرن مزار قائد جي بي حرمتي جي نتيجي ۾ سخت عوامي رد عمل سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف هئا. آفيسرن تي مزار قائد جي بي حرمتي تي قانون موجب وقت تي ڪارروائي جي لاءِ دٻاءُ هو. آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل آفيسرن  سخت عوامي رد عمل ۽ تيزي سبب بدلجندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ پوليس جي رد عمل کي پنهنجي حساب سان ناڪافي ۽ سست روي جو شڪار ڏٺو ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي قابو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حيثيت ۾ جذباتي رد عمل جو مظاهرو ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل آفيسرن کي اهڙي صورتحال کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها. جنهن سبب رياست جي ٻن ادارن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن جي روشني ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي پنهنجي ذميوارين تان هٽايو ويو آهي. جڏهن ته ضابطي جي ڀڃڪڙي تي ان آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي ايڇ ڪيو ۾ عمل ۾ آندي ويندي.

Read Previous

ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس: سنڌ حڪومت ۽ ريلوي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

Read Next

ڪشمور ڀرسان ڳوٺ خاوند بخش ملڪ ۾ ڪراچي واسيڻ معصوم نياڻي عليشان بيبي سان مبينه زيادتي هڪ جوابدار گرفتار

Most Popular