ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس: سنڌ حڪومت ۽ ريلوي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

جسٽس منيب اختر

اسلام آباد:   سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت ۽ ريلوي کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.  چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلويز کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي سبب طلب ڪري ورتا آهن. عدالت ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته ان سان گڏ ئي ڊي جي ايف ڊبليو او کي به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.  عدالت چيو ته سيڪريٽري ريلويز ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ ٻڌائين ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو منصوبو ڇو فعال ناهي ٿيو. ڇو نه هنن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڄي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو ته هاڻ هي معاملو محدود نه رهندو. اسان سڀني کي گهرائينداسين. جيڪڏهن ضرورت پئي ته وزيراعظم کي به گهرائينداسين، ضرورت پئي ته سنڌ جي وڏي وزير کي به طلب ڪنداسين. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ڇو فعال ناهي ٿيو؟  سرڪلر ريلوي فعال ڪرڻ جي حڪم تي عمل ڇو ناهي ڪيو ويو. عدالتي حڪم تي عمل ڇو ناهي ڪيو ويو. عدالت چيو ته صرف خط لکيا ويا پر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ناهي ڪيو ويو. سيڪريٽري ريلوي ۽ چيف سيڪريٽري توهين عدالت جا حقدار آهن. جنهن کان پوءِ عدالت ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

ڪورونا وبا دوران مان جيل ۾ ڪيئن رهيس اها منهنجي رب کي خبر آهي: حمزه شهباز

Read Next

آءِ جي سنڌ واقعو: رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي آفيسرن کي ذميوارين تان هٽايو ويو

Most Popular