سانگهڙ يونين اسٽاف ميونسپل ڪميٽي جي مرد عورتن ملازمن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ بلديا جي گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو

سانگهڙ (رپورٽ گل حسن لغاري ) سانگهڙ يونين اسٽاف ميونسپل ڪميٽي جي مرد عورتن ملازمن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ بلديا جي گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ گيٽ بند ڪري ويھي رھيا انھن چيو ته پگهارن جي ٿيڻ تائين احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رهندو ان سلسلي ۾ يونين اسٽاف ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جي چيئرمين فاروق نظاماڻي، صدر وجيش ڪمار، جنرل سيڪريٽري نور محمد نظاماڻي، عبدالرزاق سريوال، لياقت لغاري، شريف خاصخيلي، ڪيوتا گجراتي، ڪملان گجراتي، نرسنگ ٺاڪر، ليلان گجراتي، ۽ ٻين ڌھرڻي وارن خطاب ڪندي چيو ته ٻن مھينن کان پگهارون نه ملڻ پينشن بند ھجڻ تي تمام ملازمن جي گهر فاقه ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون ڪنهن به وسواري آفيسر جي مٿي مان جون نه چري آهي نائين نومبر تي احتجاج جو پروگرام رکيو ويو هو ايڊمنسٽر، سي ايم او احتجاج جو اعلان ٻڌي ڪنهن چارج نه ورتي ڪي وري موڪل تي ھليا ويا اسان جون پگهارون نه ملڻ ڪري دڪاندارن جا طعنا ٻڌڻ لڳاسي انهن چيو ته ھندو ملازمن جي سنڌ گورنمينٽ ڏيوالي جو ايڊوانس پگهارن جو اعلان ڪيو اھو به آسرو اڌ ۾ رهجي ويو احتجاج ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جون پگهارون نه ٿيون ته اسان ڪم کان مڪمل بائيڪاٽ ڪري شهر جي نه ڪنداسي واٽر سپلائي نه ھلائينداسي نڪالي سسٽم مشينون بند رکنداسي ۽ آخري تائين احتجاج جاري رکنداسي

Read Previous

شيعه علماءِ ڪائونسل نوابشاهه پاران جشنِ عيد ميلاد النبي صه ۽ جشنِ ولادت حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جو عظيم آليشان جلسو منعقد

Read Next

پاڪستان ڪلواڙ ويلفيئر اسوسيئشن جو سکر ۾ هڪ اهم اجلاس

Most Popular