آل سنڌ سوڍا ويلفيئر ايسوسيشن جي تنظيمي گڏجاڻي ڀٽ شاھ ريسٽ ۾ ٿي گذري

ڀٽ شاھ(رپورٽر)آل سنڌ سوڍا ويلفيئر ايسوسيشن جي تنظيمي گڏجاڻي ڀٽ شاھ ريسٽ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ سوڍا تنظيم جي مرڪزي چيئرمين محمد حسن سوڍو، صدر ذوالفقار علي سوڍو سينئر نائب صدر فقيرمحمد سنگراسي سوڍو،عبدالڪريم سنگراسي سوڍو، اڌي سنگهه سوڍو، محمدعيسيٰ سنگراسي سوڍو،راءِ سنگهھ راڻا سوڍو،وزيرسنگراسي سوڍو،نورالله سنگراسي سوڍو،محمد جمن گجو سوڍو، عبدالعزيز سنگراسي، نواب سنگراسي، اختر حسين گجو سوڍو، سميت ٻين سوڍا برادري جي مختلف پاڙن جي سوڍا برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي تنظيمي گڏجاڻي ۾ سوڍا برادري جي سڀني پاڙن کي متفق ڪري گڏجي برادري جي ترقي لاءِ غور۽فڪر ڪيو ويو گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مقررين چيو تت اسان جي سنڌ جي سوڍا قوم حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه سميت امامن سڳورن سان گڏ اسلام جي دشمنن خلاف جنگيون وڙھيون آھن جيڪا اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهھ آھي اسان تنظيمي ليول تي شھرن ۽ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي برادري جي ماڻھن سان ملنداسين ۽ ڊويزن ضلعن ۽ تعلقن تي باڊيون ٺاهينداسين پنهنجي سوڍا برادري جي غريب مسڪين ماروئڙن لاءِ عملي سماجي ڪم ڪنداسين، حاجي ساند چيو ته ٿر ۾ 80 سيڪڙو سوڍا برادري جا مختلف پاڙا رهندڙ آهن، انهن سان رابطا ڪري تنظيم سازي ڪئي وڃي، راءِ سنگهه سوڍو ايڊووڪيٽ 14 نومبر تي مٺي ۾ ڏياري جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، گڏجاڻي ۾ سوڍا برادري جي غريب مسڪين جي مدد ڪرڻ لاءِ بيواهه مسڪين عورتن جي سارسنڀال لهڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ سماجي ڪمن لاءِ ويلفيئر فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيوويو گڏجاڻي دوران سوڍا برادري جي فوت ٿي ويل مرڪزي اڳواڻن حاجي عبدالرحمان سوڍو ۽ ٻين جي بخشش سميت پوري عالم جي انسانن جي دنيا ۽آخرت جي ڀلائي لاءِ قل پڙھي دعا خير گهري ويئي ۽ آيل مهمانن ۾ سوڍا برادري بابت ڇپيل ڪتاب تقسيم ڪياويا

Read Previous

سول اسپتال دادو ۾ ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب فوت

Read Next

سجاول سپر ليگ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پھتو

Most Popular