سجاول سپر ليگ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پھتو

سجاول(ڊر)سجاول سپر ليگ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پھتو.فائنل ايندڙ ھفتي ٿيڻ وارو تياريون آخري مرحلي ۾ داخل. ٺٽه ويريئرس سيمي فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.حسن شاه کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. سجاول ۾ ٻيو سيمي فائنل ٺٽه ويريئرس بمقابله نيشنل سجاول وچ ۾ ٿيو جنھن ۾ ٺٽه ويريئرس  10 اوورن ۾ 6 وڪيٽن  جي نقصان سان 124 رنسون ٺاھيون جنھن حسن شاھ 39،احتشام 36 رنسون ٺاھيون.جواب ۾ نيشنل اليون سجاول 10اوورن جي مدد سان ٻن وڪيٽن جي نقصان سان 116 رنسون ٺاھيون.جنھن نوشاد 57 مير پنهور 30 ٺاھيون.نتيجي ۾  ٺٽه ويريئرس 9 رنسن تان ميچ کٽي فائنل لاء ڪوليفائي ڪري ورتو، مين آف دي ميچ حسن شاھ 39 رنسون ۽ 2 وڪيٽون وٺڻ تي ڏنو ويو.آرگنائيزر ٽيم طرفان حسن شاه کي انعام ڏنو ويو.

Read Previous

آل سنڌ سوڍا ويلفيئر ايسوسيشن جي تنظيمي گڏجاڻي ڀٽ شاھ ريسٽ ۾ ٿي گذري

Read Next

شھري اتحاد سجاول جو اجلاس صدر اڪرم ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ شھري اتحاد جي عھديدارن شرڪت ڪئي

Most Popular