ملڪ دشمن اپوزيشن جو هر حربو ناڪام بڻائينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد وزيراعظم عمران خان پنهنجي ترجمانن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي هر سطح تي اپوزيشن جو مقابلو ڪن، حڪومتي ترجمان قومي موقف فرنٽ فٽ تي اچي کيڏن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ مددگار شريڪ ٿيا. ذريعن موجب ترجمانن جي اجلاس ۾ قومي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته اپوزيشن جي موقف، ملڪي معيشت ۽ مهانگائي تي به غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن ملڪ دشمني تي لهي پئي آهي، ان جو هر حربو ناڪام بڻائينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گيلپ سروي موجب اسان گلگت بلتستان ۾ چونڊون کٽي رهيا آهيون.

Read Previous

سوشل ميڊيا تي مريم نواز جي حليمه سلطان سان ڀيٽ

Read Next

ثانيه مرزا پاران پٽ کي دعائون سيکارڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

Most Popular