ثانيه مرزا پاران پٽ کي دعائون سيکارڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي:   ٽينس اسٽار ثانيه مرزا  پاران پٽ کي دعائون سيکارڻ واري وڊيو وائرل ٿي  وئي. رپورٽ موجب ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ قومي رانديگر شعيب ملڪ پنهنجي پٽ جون سوشل ميديا پليٽ فارمز تي مختلف دلچسپ تصويرون ۽ وڊيوز اپ لوڊ ڪندا رهندا آهن. تازو ئي پٽ اذهان جي ٻئي سالگره جون تصويرون سوشل ميڊيا  تي وائرل ٿي رهيون آهن ۽ هن ڀيري به مداح ان جي وڊيو کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿي رهيا آهن ڇو ته ثانيه مرزا وڊيو ۾ پٽ کي دعائون سيکاري رهي آهي. ان بابت ثانيه مرزا انسٽا پوسٽ ۾ لکيو آهي ته مون کي پنهنجي پٽ تي فخر آهي. اذهان ٻئي دعائون 5 ڏينهن ۾ ياد ڪيون آهن ۽ هو جلد ئي ان دعائن کي  صحيح طريقي سان پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندو.  ثانيه مرزا لکيو آهي ته مون کي پنهنجي پٽ تي فخر آهي. هن سمهڻ کان اڳ ۽ سفر جي  دعا ياد ڪري ورتي آهي. منهنجو پٽ مون کي روزاني تمام گهڻو حيران ۽ خوش ڪندو آهي.

Read Previous

ملڪ دشمن اپوزيشن جو هر حربو ناڪام بڻائينداسين: وزيراعظم

Read Next

جوبائيڊن پنهنجي پراڻي دوست کي وائٽ هائوس جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو

Most Popular