اليڪشن ۾ ستاويهه لک ووٽ ضايع ٿيا، ٽرمپ جو الزام

Trump

واشنگٽن: آمريڪي صدر ٽرمپ الزام هنيو آهي ته صدرتي اليڪشن ۾ 27 لک ووٽ ضايع ڪيا ويا، آمريڪي اليڪشن ڪميشن عملدارن چيو آهي ته هي چونڊون تاريخ جون شفاف چونڊون آهن. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته پينسلوانيا ۾ سندس 2 لک 21 هزار ووٽ بائيڊن کي ڏنا ويا، ٻئي طرف آمريڪا وفاقي چونڊ عهديدارن چيو آهي ته 2020 جي صدارتي چونڊ تاريخ جي محفوظ الڪيشن هئي، هنن صدر ٽرمپ جي فراڊ وارين دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو، هن وڌيڪ چيو ووٽن کي تبديل ڪرڻ جا ٿبوت ناهن مليا. صدر ٽرمپ ان کان پهريان نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن کي اقتدار ڏيڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هوندو ته آمريڪي صدر چونڊن ۾ شڪست بعد غيرقانوني طريقا استعمال ڪري رهيو آهي، صدر ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران به اهو چئي چڪو آهي ته هو صرف ان صورت ۾ هارائي سگهي ٿو جڏهن اليڪشن چوري ڪئي وئي هجي، هاڻ جڏهن هو اليڪشن هارائي ويٺو آهي ته عدالت وڃڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته مبصرن ڪورونا وبا خلاف موثر پاليسي اختيار نه ڪرڻ، تڪراري اميگريشن پاليسي ۽ نسل پرستي جي حق ۾ ڌر ٿيڻ کي صدر ٽرمپ جي هار جو وڏو سبب ڄاڻائي رهيا آهن.

Read Previous

پي ايس ايل فائيو، سڀاڻي چار ٽيمون نينشنل اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون

Read Next

وزيراعظم پاران بلوچستان جو دورو، مختلف منصوبن جو افتتاح

Most Popular