پي ايس ايل فائيو، سڀاڻي چار ٽيمون نينشنل اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون

لاهور: پاڪستان سپر ليگ 2020 جي ٽرافي جي لاءِ جنگ نيشنل استيڊيم ۾ شروع ٿيندي، فائنل ميچ 17 نومبر تي ٿيندو. ڪير ٿيندو پي ايس ايل فائيو جو چيپئن، فيصلي لاءِ ڪراچي ۾ ميدان ڍهي ويو.  نينشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ سڀاڻي کان چئن ٽيمن ۾ سخت امتحان شروع ٿيندو.   ملتان سلطا، ڪراچي ڪنگز، قلندرز ۽ زلمي ڪراچي ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن، پريڪٽس به ڀرپور نموني جاري آهي نيٽ پريڪٽس سان گڏ پريڪٽس ميچز به کيڏيا ويا آهن جتي هڪٻئي جون خاميون جانچڻ جو موقعو مليو. 14 نومبر تي ٻه ميچ کيڏيا ويندا، پهريون ميچ ملتان سلطان ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ ٻن پهرن جو 3 وڳي ٿيندو جنهن جو ٽاس اڍائي وڳي ٿيندو، ٻيون ميچ ان ئي رات 8 وڳي لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيو ويندو، ٽاس ساڍي 7 وڳي ٿيندو. 

Read Previous

ميمبرن جي نااهلي، هانگ ڪانگ ۾ سڄي اپوزيشن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Read Next

اليڪشن ۾ ستاويهه لک ووٽ ضايع ٿيا، ٽرمپ جو الزام

Most Popular