مٽياري : سمان برادري جي ماڻهن پاران عمر ڪوٽ ۾ مارجي ويل شوڪت سمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

مٽياري : سمان برادري جي ماڻهن پاران عمر ڪوٽ ۾ مارجي ويل شوڪت سمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو …..  تفصيل موجب مٽياري لڳ ڳوٺ صاحب سمان جي سمان برادري پاران عمر ڪوٽ ۾ مارجي ويل شوڪت علي سمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي  سمان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو ته مرڪز جي حڪم تي سنڌ جي ھر ضلعي ۾ عمر ڪوٽ ۾ بيگناھ شھيد ٿيندڙ شوڪت سمؤن جي قاتلن جي گرفتارئ لاء پر امن ريليون، جلسا ۽ پريس ڪانفرنسون ٿينديون جن ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آء جي سنڌ، چيف منسٽر سنڌ کان مطالبو ڪيو ويندو تہ شھيد جي قاتلن کي ھڪدم گرفتار ڪري ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. محمد خان سمون سمان ويلفيئر جي مرڪزي اڳواڻ جي قيادت ۾ شعيب سمون، ابو صوفيان سمون، محب اللہ سمون، اويس سمون مجن سمون ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ صاحب سمان ڳوٺ وارن مٽياري پريس ڪلپ تي پھچي احتجاج رڪاڊ ڪرايو

Read Previous

ضلعي انتظاميه سکر پاران 30 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت

Read Next

ٽي او ايجوڪيشن پاران جبري طور پرائمري پنج استادن جي ڪيل بدلي خلاف ڀٽائي پيئنل جو احتجاج

Most Popular