بلديه نوابشاهه ۾ اقبال ڀٽي شهر جي مختلف يوسين ۾ انسپيڪٽر طور پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سر انجام ڏني

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) بلديه نوابشاهه ۾ اقبال ڀٽي شهر جي مختلف يوسين ۾ انسپيڪٽر طور پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سر انجام ڏني ۽ هو گذريل ڏينهن پنهنجي کاتي مان رٽائرڊ ٿي ويو اقبال ڀٽي جي سُٺي ڪارڪردگي تي بلديه جي آفيسرن ۽ ننڍن وڏن ملازمن جن ۾ سي ايم او عامر ڊکڻ، اڳوڻو سي ايم او عبدالرزاق شيخ، انجنيئر منٺار ڀنگوار، ياسين ڀنگوار، حضور بخش سومرو ۽ ٻين اقبال ڀٽي کي ڀيٽا پيش ڪندي بلديه نوابشاهه ۾ هڪ شاندار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اقبال ڀٽي کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اڍايا ويا ۽ ملازمن پنهنجي ساٿي جي رٽائر ٿيڻ تي کيس گلن جي ورکاءُ ڪئي ۽ گلن جا هار پارايا بلديه آفيس ۾ دهلن ۽ شرنائين تي کيس پنهنجا ساٿي ڪلهن تي کڻي گهمائيندا رهيا ان موقعي تي سندس ساٿين چيو ته اقبال ڀٽي رات هجي يا ڏينهن هميشه شهر ۾ محنت جوش ۽ جذبي سان پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏني ۽ ڪڏهن به اهو ظاهر نه ڪيو ته هو سرڪار جو ملازم آهي پر هُن هميشه پنهنجو پاڻ کي عوام جو نوڪر سمجهي شهرين جي خدمت ڪئي آهي ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪئي.

Read Previous

ٽي او ايجوڪيشن پاران جبري طور پرائمري پنج استادن جي ڪيل بدلي خلاف ڀٽائي پيئنل جو احتجاج

Read Next

شاھپور چاڪر : ڳوٺ غوث بخش عمراڻي جي رھواسين پاران زخمي ڪرڻ خلاف احتجاج

Most Popular