شاھپور چاڪر : ڳوٺ غوث بخش عمراڻي جي رھواسين پاران زخمي ڪرڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) شاھپور چاڪر ڀرسان ڳوٺ غوث بخش عمراڻي جي رھواسين پاران زخمي ٿيل ٽن ڀائرن غوث بخش، امير حسين، مير حسن ۽ ڳوٺاڻن طالب عمراڻي، منٺار عمراڻي، محمد ايوب عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ۽ ڊي آئي جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ پوليس انسپيڪٽر عبدالحق عمراڻي جو ڀاڻيجو عرفان عمراڻي پنھنجي ھٿياربند ساٿي ارباب، فدا حسين، اختر ۽ ٻين سان گڏ اسان جي زمين تي ڪاھه ڪري ڪُهاڙين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري اسان جي ٽن نوجوانن کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ زخمي رت ڳاڙيندي شاهپور چاڪر ٿاڻي تي پهتا ته ايس ايڇ او شاهپور چاڪر پنهنجي پٽي ڀائي جي ونگار وهندي فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هنن چيو ته پوليس انسپيڪٽر عبدالحق عمراڻي اسان جي چار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو تنهن ڪري اسان کي زمين تي وڃڻ نٿو ڏنو وڃي ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

بلديه نوابشاهه ۾ اقبال ڀٽي شهر جي مختلف يوسين ۾ انسپيڪٽر طور پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سر انجام ڏني

Read Next

عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ ھاري پورھيت ڪميٽي سانگهڙ پاران ھارين جي حقن لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو

Most Popular