سنڌ جو نامور استاد، ليکڪ ۽ شاعر علامہ محمد بخش ملڪ آل سنڌ ملڪ ويلفيئر اتحاد دادو جو صدر چونڊجي ويو

دادو-(رپورٽ ۔محمد علی شیخ ) سنڌ جو نامور استاد، ليکڪ ۽ شاعر علامہ محمد بخش ملڪ آل سنڌ ملڪ ويلفيئر اتحاد دادو جو صدر چونڊجي ويو، مجتبیٰ علي ملڪ نائب صدر ، عبدالجبار ملڪ جنرل سيڪريٽري، عبدالوهاب ملڪ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، ملڪ راشد انفارميشن سيڪريٽري، آصف سڪندر ملڪ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، علي احسن ملڪ فنانس سيڪريٽري،عابد حسين ملڪ رڪارڊ سيڪريٽري ۽ عبدالحق ملڪ کي آفيس سيڪريٽري  چونڊيو ويو آهي ان موقعي تي آل سنڌ ملڪ ويلفئير اتحاد جي مرڪزي نائب صدر لياقت علي ملڪ ضلع دادو جي عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته ملڪ برادري کي پوري سنڌ ۾ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون سنڌ جي 11 ضلعن ۾ عهديدار چونڊيا ويا آهن هن وڌيڪ چيو ته هن پليٽ فارم تان ملڪ برادري جي بي پهچ ماروئڙن جي خدمت پڻ ڪئي ويندي  جڏهن ته ڪشمور ۾ ڪراچي واسڻ تسليم مغل ۽ سندس معصوم ڌيءِ عليشا سان ڪيل جنسي ڏاڍائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي اڳوڻن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته وحشي ۽ درنده صفت رفيق ملڪ ۽ ڪيس ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏئي معصوم عليشا مغل ۽ تسليم مغل سان انصاف ڪيو وڃي.  

Read Previous

عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ ھاري پورھيت ڪميٽي سانگهڙ پاران ھارين جي حقن لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو

Read Next

قمبر شھدادڪوٽ جي ڳوٺ سوني جويو جو رهواسي پير بخش جويو نوشھروفيروز پهچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي

Most Popular