قمبر شھدادڪوٽ جي ڳوٺ سوني جويو جو رهواسي پير بخش جويو نوشھروفيروز پهچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي

نوشھروفيروز(ڊ ر)  قمبر شھدادڪوٽ جي ڳوٺ سوني جويو جو رهواسي پير بخش جويو نوشھروفيروز پهچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي اباڻي 2 ايڪڙ زرعي زمين تي ڳوٺ جو بااثر وڏيرو علي شير ڏيپر قبضو ڪيو ويٺو آهي ۽ ڪاهيل فصل به کڻي ويو آھي۔ هن چيو ته اهڙي زمين جو روينيو رڪارڊ به اسان جي نالي تي آھي پر ان باوجود بااثر وڏيري علي شير ڏيپر جا ساٿي غلام حسين، مصري خان، خادم حسين، ديدار جلباڻي ۽ ٻيا هٿيار کڻي زمين ۽ پلاٽ تي قبضو ڪيو ويٺا آھن جيڪي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ته ڳوٺ ڇڏي وڃ نه ته تنهنجو برو حشر ڪيو ويندو۔ هن وزير اعلي سنڌ، آء جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مون غريب سان انصاف ڪري زمين تان قبضو ڇڏرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي۔

Read Previous

سنڌ جو نامور استاد، ليکڪ ۽ شاعر علامہ محمد بخش ملڪ آل سنڌ ملڪ ويلفيئر اتحاد دادو جو صدر چونڊجي ويو

Read Next

خيرپور: نبي پاڪ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ۽ سندس ڪردار سان ڪفار اسلام قبول ڪيو

Most Popular