ٺٽي : ڪشمور جي نياڻي عليشا ۽ سندس امڙ سان ٿيل انسانيت سوز واقعي ملوث جوابدارن جي گرفتاري توڙي کين سخت سزا ڏيارڻ لاء سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي

ٺٽو(رپورٽ. يار محمد ميربحر)ٺٽي ۾ ڪشمور جي نياڻي عليشا ۽ سندس امڙ تبسم سان ٿيل انسانيت سوز واقعي، ملوث جوابدارن جي گرفتاري توڙي کين سخت سزا ڏيارڻ لاء سول سوسائٽي ٺٽو پاران ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي مجتبي خشڪ، نجمہ شيخ، راحيلہ ڀٽو، ياسمين شاھ، جلال شاھ،  حامد مغل، سجاد سمون، اعجاز جاکرو، ڀورو سرڪي، نورحسن سرڪي، عرفان ماڻڪاڻي، وڪيل منور ڀٽو ڪئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي ويئي، جنھن ۾ عورتن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪن ۽ نوجوان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي مقررين چيو تہ ڪشمور واقعو انتھائي افسوس ناڪ آھي، جنھن جي جيتري بہ مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي. ھنن مطالبو ڪيو تہ معصوم نياڻي عليشا ۽ سندس امڙ سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي سخت کان سخت سزائون ڏياري معصوم نياڻي ۽ سندس امڙ سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

جوهي شھر ۾ واحد آر او پلانٽ ٻن سالن کان خراب ڄاڻائي مڪمل بند ڪري آر او پلانٽ کي تالا لڳائي ڇڏيا

Read Next

سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين پاران هلايل خبرن جو ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ نوٽيس وٺندي

Most Popular