جوهي شھر ۾ واحد آر او پلانٽ ٻن سالن کان خراب ڄاڻائي مڪمل بند ڪري آر او پلانٽ کي تالا لڳائي ڇڏيا

دادو- ( ڊ ر  ) جوهي شھر ۾ واحد آر او پلانٽ ٻن سالن کان پبلڪ هيلٿ کاتي جي مشھور  ڪرپٽ ڪميشن خور انجنيئر ايس ڊي او ۽ سب انجنيئر  غلام حسين پنهور خراب ڄاڻائي مڪمل بند ڪري آر او پلانٽ کي تالا لڳائي ڇڏيا 80 هزار کان مٿي آبادي رکندڙ جوهي شھر مٺي ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان حال پبلڪ هيلٿ کاتي جي  انجنيئر ايس ڊي او ۽ ٻئي عملي جوهي شھرين پيئڻ جي  پاڻي جي گهر ڪرڻ تي ڪافي وقت کان نا اهل پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪرپٽ عملي آفيس دادو ۾ قائم ڪري ڪرپشن جي ڪاتي تکي تيز ڪري ڇڏي جوهي جا هزارين شھرين مجبورن لکين رپين جو پيئڻ جو پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻ تي مجبور ان سلسلي ۾ جوهي جي  شھر ين  سڪندر سومرو ڪامريڊ حاجن بروهي ,ڪامريڊ جمن سنڌي , ۽ ٻين ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته جوهي شھر ۾ پيئڻ جو پاڻي ناياب ٿي ويو آھي جوهي کان ڪلوميٽر جي فاصلي تي  لڳل خيراتي نلڪن تي سڄو ڏينهن رش رهي ٿي جتي پاڻي هاڻ آھسته آھسته کارو ٻاڙو ٿيندو پيو وڃي هنن چيو ته جوهي شھر  ۾ واحد آر او پلانٽ ميونسپل ڪاميٽي جي پٺ ۾ لڳل آھي جيڪو شروعاتي دور ۾ بغير اسٽيميٽ جي پاڻي شروع ڪيو جنهن سان شھر اندر ڪيميڪل واري واپرائڻ جي ڪري هزارين رهواسي مرد عورتون ٻڍا ٻار  ڦڦڙ , بلڊ پريشر دل جي تڪليف ۾ مبتلا سميت پيٽ چمڙي جهڙي خطر ناڪ مهلڪ بيمارين ۾ جڪڙجي ويل آھن صاف پاڻي نه ملڻ سبب ڪافي جوهي شھر اندر بلڊ پريشر بعد دل ۾ سور پوڻ بعد اٽيڪ سبب موت جي ورچڙھي ويا آھن هنن چيو ته آر او پلانٽ خراب ڄاڻائي هر مهيني هي پلانٽ ڪاغذن ۾ رننگ پوزيشن ڄاڻائي لکين رپين جي ڪرپشن ڪئي ٿي وڃي هنن چيو ته واٽر سپلاء پاڻي به اڌ رات جو 12 وڳي بعد 10  منٽ ھلائي بند ڪيو ٿو وڃي هنن چيو ته جوهي ۾  پيئڻ جو پاڻي پبلڪ هيلٿ هٿ سان بند ڪري آفيسون مرضي سان غير قانوني طريقي سان بند ڪري زميوار آفيسر  ۽ ٻيو عملو سالن کان غائب  آھي هنن چيو ته  بلدياتي اميدوارن ڪوب ٻوٽو نه ٻاريو اهي پاڻ پبلڪ هيلٿ سان ڪرپشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا هنن چيو ته پيئڻ جي پاڻي جو ڍڪ به شھرين کي نٿو ڏنو وڃي هزارين رهواسي پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجنور آھن آخر ۾ ھنن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس , سنڌ جي وڏي وزير پبلڪ هيلٿ کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته جوهي ۾  هٿرادو بند ڪيل پبلڪ هيلٿ کاتي پاران آر او پلانٽ  شروع ڪرائي ڪرپشن ڪندڙن پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن خلاف نيب ۾ ڪيس داخل ڪري شھرين کي پيئڻ جو صاف مٺو پاڻي مهيا ڪيو وڃي , نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ,

Read Previous

سنڌ حڪومت پاران عوام جي ڀلائي خاطر ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ٿيندا رهن ٿا ان جي باوجود خيرپور شهر جي حالت ناهي سڌري سگهي

Read Next

ٺٽي : ڪشمور جي نياڻي عليشا ۽ سندس امڙ سان ٿيل انسانيت سوز واقعي ملوث جوابدارن جي گرفتاري توڙي کين سخت سزا ڏيارڻ لاء سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي

Most Popular