ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار مارجي ويو، روپوش ڏوهاري گرفتار

لاڙڪاڻو/ ڪشمور پوليس جو تاريخي قدم، 4 سالن جي معصوم ٻارڙي عليشه ۽ سندس امڙ کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ وحشي جوابدار رفيق ملڪ مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ پوليس نفري ساڻ ڪري بخشاپور علائقي ۾ پهتو، جتي ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي عليشه کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ وحشي جوابدار رفيق ملڪ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي خير الله بگٽي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس موجب جوابدار خيرل الله پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي فائرنگ ۾ جوابدار رفيق ملڪ مارجي ويو آهي.

Read Previous

سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين پاران هلايل خبرن جو ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ نوٽيس وٺندي

Read Next

گلگت بلتستان چونڊن ۾ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

Most Popular