گلگت بلتستان چونڊن ۾ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

گگلت : گگلت بلتستان جي قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي. گگلت بلتستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب سخت ٿڌ آهي پر ان باوجود 24 مان 23 سيٽن لاءِ ووٽنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو، جيڪو شام 5 وڳي تائين پرامن طريقي سان بنا وقفي جاري رهيو. چونڊن ۾ تحريڪ انصاف، ن ليگ، پ پ سميت ڪيتريون ئي جماعتون ميدان ۾ آهن پر پي ٽي آءِ، پ پ ۽ ن ليگ ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو آهي، جڏهن ته آزاد اميداور به قسمت آزمائي رهيا آهن. گگلت بلتستان ۾ چونڊن لاءِ 10 ضلعن ۾ هڪ هزار 161 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون، جن مان 418 کي انتهائي حساس، جڏهن ته 311 کي حساس قرار ڏنو ويو ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز تي 15 هزار 9 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. چونڊ عمل دوران ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ پريزائيڊنگ آفيسرن کي پولنگ جي سامان سان گڏوگڏ ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائيزر پڻ فراهم ڪيا ويا. گگلت بلتستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 7 لک 45 هزار 361 آهي، جن ۾ مرد ووٽرن جو انگ 4 لک 53 هزار، جڏهن ته عورت ووٽرن جو انگ 3 لک 40 هزار آهي، پولنگ ۾ عورتن پڻ وڏي انگ ۾ حصو ورتو.

Read Previous

ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار مارجي ويو، روپوش ڏوهاري گرفتار

Read Next

اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ ووٽ جي پولنگ ۽ ڳڻپ يقيني بنائي: بلاول ڀٽو

Most Popular