سانگھڙ جي ناريجا برادري پوليس جي خلاف بينر کڻي پلي ڪارڊ ھٿ ۾ کڻي سخت نعريبازي

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) انگهڙ پريس ڪلب آڏو سانگھڙ جي ناريجا برادري ماڻهن صيفل خان ناريجو، عبدالسلام ناريجو، شاھ زيب ناريجو، نبي بخش ناريجو، لال محمد ناريجو ۽ٻين ٻين ناريجن جو خيرپور پوليس جي خلاف بينر کڻي پلي ڪارڊ ھٿ ۾ کڻي سخت نعريبازي ڪئي ته بيگناھ قتل ڪيل 14 سالن جو شاگرد شھيد سڄڻ ناريجو ۽ سندس ٽن سالن جو ڀاءُ محمد حسين ناريجي تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو تفصيل ڪيو ويو موجب پريالو ۽ ڀرسان ٻنڊو فيض محمد ناريجو واري علائقي ۾ علائقي ۾ ڳوٺ حاجي ميرل ناريجو تي 15 ڏينهن اڳ پوليس سان گڏ اوڍا، ڀٽا، ۽ جتوئي برادري جي ھٿيارن بندن چڙهائي ڪري ڳوٺ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڳوٺ تي ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ جو سلسلو رھيو جنهن جي ڳوٺ تي راڪيٽ لانچر جا گولا پڻ فائر ڪيا ويا جنهن دوران 14 سالن جو شاگرد سڄڻ ناريجو پٽ راحب ناريجو قتل ٿي ويو ان کان علاوه ھيوي مشينري جي مدد سان ڳوٺ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ڪيلن جا فصل تباھ ڪيا ويا 15 ڏينهن کان پوليس جو گھيرو برقرار آهي ڳوٺ جا ماڻهو دربدر آهن چوپايو مال ۽ ٻيو سامان پوليس کڻي ويئي آهي ھن وقت تائين پوليس سڄڻ ناريجو جي قتل جي ڪابه ايف آء آر داخل نه ڪئي آهي ان مان ظاهر آهي ته پوليس وڏيرن جي ونگار وھي رھي آھي اسان وزيراعظم پاڪستان، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وزير اعلي سنڌ، آء کي اپيل آهي ته واقعي جي منصفانه جاچ ڪري شھيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

صحافي شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار 9 مهينا گذرڻ باوجدو گرفتار نه ٿيا

Read Next

دادو شهر جي GM ڪالوني جي رهواسين ڪالوني کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو

Most Popular