صحافي شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار 9 مهينا گذرڻ باوجدو گرفتار نه ٿيا

نوشهروفيروز(ڊر)صحافي شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار 9 مهينا گذرڻ باوجدو گرفتار نه ٿيا، جي آءِ ٽي کان پوءِ جانچ ڪندڙ پوليس به هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي،رپورٽ به پڌري نه ٿي،صحافين جو احتجاجي مظاهرو.رپورٽ موجب تقريبن 9 مهينا اڳ محرابپور ۾ قتل ٿي ويل صحافي شهيد عزيز ميمڻ جي قتل جا مک جوابدار مشتاق سهتو ۽ سندس ڀاءُ افشاد سهتو اڃان تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا نه ئي وري پوليس سندن گرفتارين لاءِ ڪي ڪوششون ڪري رهي آهي،ٽن مهينن کان سنڌ سرڪار پاران جوڙيل جي آءِ ٽي پڻ لڳاتار غير فعال بنيل آهي ۽ جي آءِ ٽي پاران هيل تائين ڪا رپورٽ به ظاهر ناهي ڪئي وئي نه ئي وري شهيد جي وارثن سان ڪو تعاون ڪيو پيو وڃي،جي آءِ ٽي جي غير فعال ٿيڻ بعد جانچ ڪندڙ پوليس پڻ خاموش ٿي ويهي رهي آهي جڏهن ته ايس ايس پي نوشهروفيروز پاران جوڙيل ڪاميٽي جنهن ۾ هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻه ايس ايڇ اوز شامل هئا انهن پڻ ڪوبه ٻوٽو ناهي ٻاريو.هوڏانهن شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ توڙي قتل جا ڪارڻ هيل تائين ظاهر نه ٿيڻ خلاف نوشهروفيروز ۾ صحافين پريس ڪلب جي صدر يونس راڄپر،محبوب ڪلهوڙو,عطاحسين سمون,يوسف منگي,مشتاق سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي قتل کي 9 مهينا ٿي ويا آهن پر هيل تائين پوليس ڪيس جا مک جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي نه ئي وري ڪيس جا ڪارڻ ظاهر ڪيا پيا وڃن.هنن چيو ته جي آءِ ٽي پڻ اڻ اعلانيا طور غير فعال ٿي وئي آهي جنهن جي به ڪا رپورٽ ظاهر ناهي ڪئي وئي.هنن گهر ڪئي ته فوري طور شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

روهڙي : ميتلا ڳوٺ ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ماء ۽ ڌيء زخمي اسپتال متاثر ڌر پاران احتجاج

Read Next

سانگھڙ جي ناريجا برادري پوليس جي خلاف بينر کڻي پلي ڪارڊ ھٿ ۾ کڻي سخت نعريبازي

Most Popular