سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي:   سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي. ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو اهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ترجمان ٻڌايو آهي ته  وڏو وزير جمعي تي هلڪو بخار محسوس ڪيو هو جمعي تي ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرايو ته سندس ٽيسٽ هاڪاري آيو.  مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي هدايت تي مان پنهنجو پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. هلڪو بخار آهي باقي طبيعت بهتر آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قمرزمان ڪائره جو ٽيسٽ به هاڪاري آيو هو. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ راجه پرويز اشرف جو به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي. راجه پرويز اشرف سمورن مائٽن ۽ دوستن کي اپيل ڪئي آهي ته ان جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪن. متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ فاروق ستار جو به ڪورونا ٽيست  پازيٽو اچي چڪو آهي. 

Read Previous

حارث رئوف شاهد آفريدي کان معافي گهرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

تعليمي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ امڙ اسڪول وين هلائيندي هئي: عائشه عمر جو انڪشاف

Most Popular