پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري: وڌيڪ اوڻيهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:   عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 18 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 7 هزار 160 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2 هزار 128 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 3 لک 59 هزار 32 هزار ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪروونا جا 3 لک 23 هزار 824 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 28 هزار 484 علاج هيٺ آهن. سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 1 لک 55 هزار 660 ۽ پنجاب ۾ هڪ لک 10 هزار 450 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه 42 هزار 370، اسلام آباد 24 هزار 218، بلوچستان 16 هزار 407، آزاد ڪشمير 5 هزار 455 ۽ گلگت ۾ 4 هزار 452 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.   ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 475 ۽ سنڌ ۾ 2 هزار 747 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ فوتين جو انگ 1  هزار 311، اسلام آباد 257، بلوچستان 156، گلگت بلتستان 93 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 21 ٿي ويو آهي.  ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر شروع ٿي چڪي آهي. ٻئي لهر کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.

Read Previous

تعليم وارن وزيرن جو اجلاس: تعليمي ادارن جي بندش جو فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي

Read Next

ٽرمپ ڪيترائي سال پراڻي اليڪشن فراڊ جي خبر ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏي

Most Popular