تعليم وارن وزيرن جو اجلاس: تعليمي ادارن جي بندش جو فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي

اسلام آباد:   بين الصوبائي تعليمي ڪانفرنس تعليمي ادارن کي فوري طور تي بند ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ان بابت فيصلو هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو ۽ هاڻ 23 نومبر ايندڙ سومر تي ٻيهر ان معاملي تي غور ڪيو ويندو. ان حوالي سان وفاقي وزير تعليم شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ سمورن تعليم وارن صوبائي وزيرن  وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين اجلاس کي ڪورونا ڪيسن جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسن سبب تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون تڪڙيون ۽ ڊگهيون ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿيون. اجلاس ۾ سياري جون موڪلون نومبر کان جنوري تائين ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو ويو آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيسز خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن پر تعليم وارن وزيرن اسڪول بند ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. ايندڙ هفتي ٻيهر تعليم وارن وزيرن جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. تعليم واري  وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته ٻارن ۽ استادن جي حياتي وڌيڪ عزيز آهي. اڄ بين الصوبائي وزير تعليمي ڪانفرنس جي مشاورت ۽ سفارشون اين سي او سي ۾ پيش ڪندا. 23 نومبر سومر تي سياري جون موڪلون ۽ اسڪولن جي بندش جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطه ڪميٽي(اين سي سي) جو اجلاس اڄ شام جو ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن بابت اهم ڳالهيون ڪيون وينديون.

Read Previous

مريم نواز گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائي ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري: وڌيڪ اوڻيهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا

Most Popular