مٽياري ڀرسان ڳوٺ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي شاندار محفل منعقد ڪئي

مٽياري (رپورٽ )   مٽياري  ڀرسان ڳوٺ يارمحمد خشڪ  ۾ صحافي محمدبخش خشڪ غلام رسول، حافظ محمود خشڪ پاران جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي شاندار محفل منعقد ڪئي محفل ۾ خطاب ڪندي علامه مولانا  منور المعروف شفيع الله  چيو تہ ميلاد مصطفيٰ  جو سڄو مهينو عقيدت احترام سان ملهايو آهي ۽ هر مسلمان خوشيون ملهائي ٿو پنهنجي محبوب جي آمد جو مهينو شاندار آجيان ڪئي آهي هن چيو تہ  اسلام امن سلامتي وارو دين آهي جيڪو اسان کي صبر ، سهپ ۽ برداشت جو درس ڏي ٿو نبي ڪريم ﷺ سموري عالم انسانيت لاء رحمت العالمين بڻجي آيا آهن رسول پاڪ ﷺ جو ڪو بہ مٽ ناهي مٽياري ۽ آس جي نامور نعت خوانن حضور اڪرم ﷺ جي شان اقدس ۾ عقيدت جا گل پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو ميلاد مصطفا ﷺ جي محفل ۾ صحافي ۾ مٽياري ميڊيا ھائوس  جي صحافين جي ايم بابو خاصخيلي، رياض چانڊيو، وڪيل ميمڻ ،ذوالفقار  ميمڻ، شبير ملاح ،اسد الله ميمڻ رؤف خاصخيلي، عادل خشڪ مستدفيد خاصخيلي آيل  مھمان  فقير علي نواز ميمڻ رفيق کوسو   پريس ۽ ڳوٺ جي آسپاس ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ نگر تقسيم ڪيو ويو ۔

Read Previous

سنڌ جي ٽين وڏي شهر سکر ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي : مبين احمد جتوئي

Read Next

شھر ۾ 50 ھزار آبادي رکندڙ جھول بوائز هاءِ اسڪول/ ڪاليج جو درجو حاصل آهي

Most Popular