سنڌ جي ٽين وڏي شهر سکر ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي : مبين احمد جتوئي

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف نادرن سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي چيو آهي ته سکر شهر ۾ ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. اڳوڻي ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ ترقياتي منصوبن تي پنهنجي نالي جون افتتاح واريون تختيون ته هڻي ڇڏيون پر اڄ به سمورا ترقياتي منصوبا مڪمل ناهن ٿي سگھيا، هن اهڙيون ڳالهيون سکر کان جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيون. مبين احمد جتوئي چيو ته سنڌ جي ٽين وڏي شهر سکر ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. سکر شهر ۾ اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ جي دور حڪومت دوران پنهنجا نواز تحت شروع ڪيل ترقياتي منصوبا رولڙي جو شڪار بڻيل آهن. شهر جا پارڪ، چوڪ، چوراها نئين سر تعمير ڪرڻ تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود عوام کي ڪوبه لاڀ ناهن ڏئي سگھيا، سکر ۾ ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ سبب عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، پ پ جا وزير ۽ مشير رڳو ڪرپشن ۾ رڌل آهن. سنڌ جي ٽئين وڏي شھر سکر جو حشر به موئن جي دڙي جھڙو بڻجي ويو آھي. سکر واسي چونڊيل نمائندن جي ڪرپشن سبب سخت تڪليف ۾ زندگي گذاري رھيا آھن.

Read Previous

ٽرمپ ڪيترائي سال پراڻي اليڪشن فراڊ جي خبر ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

مٽياري ڀرسان ڳوٺ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي شاندار محفل منعقد ڪئي

Most Popular