ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ راڄپاري جي رهواسين جو احتجاج

خيرپور (ڊر) ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ راڄپاري جي رهواسين مسمات بي بي صنم شاهه، غلام فاطمه، سجاد شاهه، نعيم شاهه ۽ ٻين پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بااثر وڏيري سونل شاهه جي چرچ تي سيد عامر شاهه پنهنجي زال سيد صنم شاهه مٿان بنا جواز تشدد ڪيو، تشدد جي اطلاع تي صنم شاهه جي امڙ ۽ ڀائر واقعي واري هنڌ پهتا ته جوابدارن سيد عامر شاهه، رحم علي شاهه، زوهيب شاهه، انيس شاهه ۽ ٻين تشدد ڪري اسان کي به زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن جي فرياد کڻي حد جي ٿاڻي ڪوٽڏيجي تي وياسين پر پوليس بااثرن خلاف ڪو به قدم نه کنيو، هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ملازمن پڪو ڪرڻ لاءِ بک هڙتال جاري

Read Next

راڻيپور ۾ درازه لڳ قائم ڪيل ڪچي آبادي جي گهرن کي ڊاهڻ جو چتاءُ رهائشي گهر ڌڻين جو احتجاج ڊي سي ۽ اي سي خلاف ڇتي نعريبازي انصاف جو مطالبو

Most Popular