مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ملازمن پڪو ڪرڻ لاءِ بک هڙتال جاري

خيرپور : مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي ملازمن پڪو ڪرڻ لاءِ بک هڙتال جاري رکي، بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي فيصل الطاف ميمڻ، نوروز خان جمالي، شڪيل ٽڳڙ، مظهر سومرو، حيدر خاصخيلي، راشد جماڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي هنن ٻڌايو ته مهراڻ ڪيمپس خيرپور  ۾ گذريل 6 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا خالي جاين تي ايڊهاڪ تحت ڀرتيون ڪري اسان سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ ڪري رهي آهي، جنهن جي خلاف اسان پهرين مرحلي ۾ 72 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتالي ڪئيمپ قائم ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. جڏهن ته قومپرست اڳواٻڻ شبير جمالي، اويس جمالي، فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ حاجي امام بخش ڦلپوٽو، حاجي عبدالغني، وائيس آف خيرپور جي فياض خميساڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻن، وڪلين بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي حمايت جو يقين ڏياريو.

Read Previous

خيرپور : ڳوٺ صدورو جانوري جي رهواسي 4 ساله معصوم نينگر سان ڏاڍائي خلاف سندس وارثن ريلي ڪڍي وئي

Read Next

ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ راڄپاري جي رهواسين جو احتجاج

Most Popular