راڻيپور: سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ هٿياربند داخل مالڪن جي سجاڳ ٿيڻ تي فرار اسپتال عملي پاران احتجاج ڪيس داخل

راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ هٿياربند داخل مالڪن جي سجاڳ ٿيڻ تي فرار اسپتال عملي پاران احتجاج ڪيس داخل   رپورٽ موجب:راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ ڏوھ جي ارادي سان هٿياربند داخل ٿيا ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا سندن مزاحمت تي جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ويا اسپتال عملي پاران واقعي خلاف ايم ايس ڊاڪٽر قدم علي ڄامڙو ,ڊاڪٽر علي وساڻ,غلام اصغر ملاح ,دين محمد پتافي ,لياقت سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻئ ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو انهئ موقعي تي هنن چيو ته اسپتال جي ڪالوني اندر رات جي اونداهي ۾ اهڙو واقعو پيش اچڻ مذمت جوڳو عمل آهي ۽ عملي کي معصوم ٻچن سميت تحفظ فراهم ڪري ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي هوڏانهن لياقت سهتي جي فرياد تي راڻيپور ٿاڻي ۾ گناه نمبر 121 2020 قلم 451,2 تحت صدام حسين سرڪي ۽ ٻه اڻسڃاتل سميت ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي

Read Previous

لاڙڪاڻو يوسي 12 مين غلام ڀٽو روڊ شاه بهارو مقام جي گيٽ وٽ مسجد مدرسي ڀرسان ٻن ٽرانسفامرن جي هيٺان گند ڪالھ به پخيو رهيو

Read Next

ڳڙھي خيرو: جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ جماعت اھلسنت جي سرڪار جو ميلاد ملايو ويو

Most Popular