ڳڙھي خيرو: جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ جماعت اھلسنت جي سرڪار جو ميلاد ملايو ويو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ جماعت اھلسنت جي عاشقن امان الله عمراڻي ۽ ثناءالله عمراڻي جن جي گھر ۾ سرڪار جو ميلاد ملايو ويو. تفصيل موجب جشن عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسي ۾ جماعت اھلسنت جي عاشقن امان الله عمراڻي ۽ ثناءالله عمراڻي جن جي گھر ۾ سرڪار جو ميلاد ملايو ويو جنھن ۾ خصوصي خطاب پير سيد مجيب الرحمٰن شاھ جيلاني،مولانا عبدالوحيد ٻٻر ۽ حافظ محمد شان قاسمي جن ڪيو. انھن جو چوڻ ھو ته سرڪار مديني وارا سائين وڏي شان وارا نبي آھن.خدا اسان جي نبي جو ايڏو ته شان بلند ڪيو آھي جو سواء لک نبين جي سرداري ملي اٿس.۽ اسلام ھڪ ڀائي چاري جو درس ڏئي ٿو. محفل ۾ نعت خوانن عنايت الله حسيني،مقبول احمد سلطاني،غلام جيلاني عبدالوحيد منگي سجاد علي لانگاھ،ايمان فاطمه جن پنھنجي بھترين انداز ۾ سرڪار جون نعتون پڙھيون. جڏھن ته محفل جا مھمان خاص سيد نجم الدين شاھ بخاري،لياقت علي لاشاري،اشفاق احمد کنڊ ۽ جانب لھر ھيا. ۽ آخر ۾ ملڪ پاڪستان سميت ڪشميرن جي لاء دعا خير پڻ گھري وئي.

Read Previous

راڻيپور: سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ هٿياربند داخل مالڪن جي سجاڳ ٿيڻ تي فرار اسپتال عملي پاران احتجاج ڪيس داخل

Read Next

راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواء لياقت سهتو جي گهر ۾ هٿياربند داخل

Most Popular