قاضي احمد : ڳوٺ حاجي غوث شاھ جي رھواسي ڳوٺاڻن مرد عورتن توڙي ٻارڙن پوليس ۽ مقامي ڳوٺاڻن خلاف احتجاج ڪري نعري بازي

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) : قاضي احمد لڳ  ڳوٺ حاجي  غوث شاھ جي  رھواسي ڳوٺاڻن مرد عورتن توڙي ٻارڙن  ڪشور پور پوليس ۽ مقامي ڳوٺاڻن خلاف احتجاج ڪري نعري بازي ڪئي هنن    ڪچي جي پوليس ٿاڻي ڪشور پور جي حد ۾ واقع ڳوٺ انب جوڻيجو ۾ پنج ڏھاڙا اڳ گھر   اندر داخل ٿي مبينا طور عورت کي اغوا ڪرڻ جي مبينا الزام هيٺ ڳوٺاڻن پاران پڪڙي پوليس حوالي ڪيل منظور عرف ڪارو ڪلهوڙو  ۽ غلام عباس ڀنڊ مٿان لڳل الزامن کي رد ڪندي وارثن ارباب ڪلهوڙو ,يعقوب ڪلهوڙو , حاجران ڪلهوڙو  چيوآھي مذڪوره ڳوٺ انب جوڻيجو ۾ رهندڙ براداري سان تعلق رکندڙ ڌر سان 4  سالن کان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آھي جنهن   سبب اسان جي نوجوانن کي  مبينا طور  مير ڪلهوڙو ۽ سڪندر ڪلهوڙو سازش تحت  فون ڪري ڳوٺ گهرائي کين گهر اندر زبردستي داخل تي عورت کي اغوا  جو الزام هڻي ناحق  پڪڙي سخت مارڪٽ ڪرڻ  بعد کين رتو رت ڪري  پوليس حوالي ڪيو آھي عورت کي اغوا ڪرڻ جا الزام بيبنياد آھن هنن چيو ته ڪشور پور پوليس بنا ڪنهن جاچ جي گرفتار ٿيل نوجوانن مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي

Read Previous

ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڀنڀرو جي رهواسي عبدالقادر ڀنڀرو جي معصوم پٽ کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو

Read Next

انسانيت جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو: سردار زاهد حسين زئوئر

Most Popular