ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڀنڀرو جي رهواسي عبدالقادر ڀنڀرو جي معصوم پٽ کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو

ڪنڌرا (رپورٽر ) ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڀنڀرو جي رهواسي عبدالقادر ڀنڀرو جي معصوم پٽ کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو اسپتال داخل تفصيل موجب يونين ڪائونسل اڪبر پور جي ڳوٺ گل محمد ڀنڀرو جي رهواسي عبدالقادر ڀنڀرو جي ننڍڙي معصوم پٽ کي رولو ڪتن ڏاڙھي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي زخمي حالت ۾ رولر هيلٿ ڪنڌرا منتقل ڪيو ويو آهي هتان جي رهواسين حافظ عمران علي حسنين رضا اعجاز احمد ۽ ٻين يونين ڪائونسل اڪبر پور جي انتظاميا خلاف ڪنڌرا جي صحافين آڏو شڪايت ڪندي چيو آهي ته يونين ڪائونسل اڪبر پور هن وقت تائين ڪتا مار مهم جي حوالي سان ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي رولو ڪتا سر عام راهگير ماڻهن کي ڏاڙهي رهيا آهن ننڍن ٻارن عورتن سميت راهگير ماڻهن توڙي جو ڪم ڪار جي سانگي لوڪل ماڻهن جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ محال ٿي ويو آهي هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته يونين ڪائونسل اڪبر پور کي ڪتا مار مهم جي حوالي سان پابند بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري خلاف سڌو ڪورٽ سڳوي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو

Read Previous

دادو ۾ زرعي ڀاڻ ۽ ٻج نقلي وڪامڻ لڳو، زراعت کاتي جي ٽيم جا پاڇا، 40 سيمپل نقلي نڪتا، ٻن واپارين خلاف ڪيس داخل

Read Next

قاضي احمد : ڳوٺ حاجي غوث شاھ جي رھواسي ڳوٺاڻن مرد عورتن توڙي ٻارڙن پوليس ۽ مقامي ڳوٺاڻن خلاف احتجاج ڪري نعري بازي

Most Popular