زرعي ترقياتي بئنڪ ڪنڊياري جي اڳوڻي مئينجر ۽ ايم سي او آبادگارن جا لکين روپيه هڙپ ڪرڻ خلاف احتجاج

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) زرعي ترقياتي بئنڪ ڪنڊياري جي اڳوڻي مئينجر ۽ ايم سي او آبادگارن جا لکين روپيه هڙپ ڪرڻ خلاف ڪنڊياري هنڱورنو روڊ تي سوين متاثر آبادگارن جو علي گل ڳاهو مبارڪ ڳاهو تصدق مري عابد لغاري محمد ايوب بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو   آبادگارن چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ ڪنڊياري جي اڳوڻي مئينجر عبدالصمد شيخ ايم سي او جنيد اسان جي کاتن تي قرض کنيو آهي جنهن جي اسانکي ڄاڻ ناهي هنن چيو ته مبارڪ ڳاهو جي کاتي ۾ اٺ لک چاليھ هزار روپيه ڪڍرايا ويا جنهن جي مبارڪ کي  خبر ڪونهي جڏهن اسان بئنڪ رابطو ڪيو ته هن جي کاتي به پيسئيه کنيل آهن جنهن سبب مبارڪ ڳاهو بليڊ پريشر سبب فالج حي حملي سبب شديد متاثر ٿيو ۽ هلڻ فرڻ کان لاچار بنجي ويو جنهن کي ڇنگچي رڪشه ۾ آندو ويو معذور احتجاج دويان ٿيل زيادتين کي روئي ڏنو  آبادگارن چيو ته اسان بئنڪ جي اختيارين ۽ نيب اينٽي ڪرپشن سميت مختلف کاتن کي درخواستون ۽ احتجاج به ڪيا پر اڃان ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي هنن چيو ته سوين آبادگار گذريل هڪ سال کان انصاف لا دانهون ڪري رهيا آهن پر ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونهي  لکين روپيه کائيندڙ هتان بدلي ڪرائي ويا هنن چيف جسٽس آف پاڪستان وزيراعظم پاڪستان ۽ اسٽيٽ بئنڪ کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد اسان سان انصاف نه ٿيو ته اسين احتجاجن دائرو وسيع ڪنداسين ۽ مبارڪ ڳاهي کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميوار اڳوڻو مئينجر ۽ ايم سي او هوندا

Read Previous

انسانيت جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو: سردار زاهد حسين زئوئر

Read Next

تلھار ۾ 4 ڏينھن به گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين پاران بک ھڙتال جي ڪئمپ لڳائي وئي

Most Popular