تلھار ۾ 4 ڏينھن به گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين پاران بک ھڙتال جي ڪئمپ لڳائي وئي

تلھار ۾ چوٿين ڏينھن به گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين پاران بک ھڙتال جي ڪئمپ لڳائي وئي،آچر جي ڏينھن شھر ۾ شٽرڊائون ھڙتال ۽ قومي شاھراح مين حيدرآباد بدين روڊ تي ڌھرڻي ھڻڻ جو انتظاميه کي ٽاسڪ پڻ اڳواڻن ڏئي ڇڏيو،بک ھڙتال جي ڪئمپ تي پ پ تعلقي تلھار صدر نياز محمد لاشاري پ پ ضلعي نائب صدر پير محفوظ شاھ قادري،پ پ سٽي صدر غلام حيدر جتوئي،امير حيدر خواجه پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ مصطفي گاڏاھي،پراڻو ڪامريڊ ڪوثر ذيدي،پ پ عورت اڳواڻ فرزانه جتوئي ۽ علمي ادبي اڳواڻ ناصر بلوچ اسڪولي ٻارڙن سان گڏ پھتو جتي اڳواڻن عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته تلھار ۾ ڪڏھن بجلي جي بي رحمانا لوڊ شيڊنگ جو آزار رھيو آھي ته ڪڏھن ٻيا مسئلا پر ھاڻي مسلسل ٽن مھينن کان گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر سبب سخت پريشانين کي منھن ڏيئڻو پيو پوي اڳواڻن جو وديڪ چوڻ ھو ته معصوم ٻارڙا اسڪول ۾ بکيو پيٽ پڙھڻ لا۽ سويل ھليا ويندا آھن ۽ بکيو پيٽ مسلسل اسڪول جو پنڌ ڪرڻ بعد ھاڻي ٻارڙا پڻ بيمار ۽ ڪمزور ٿي پيا آھن اسان چوٿين ڏينھن کان احتجاج جاري رکيو آھي پر سوئي سدرن گئس عملدارن ڪوئي نوٽس ناھي ورتو نه ئي گئس جي لوڊ شيڊنگ کي ختم ڪرايو ويو آھي آچر جي ڏينھن تاريخي ڌھرڻو ھڻي سوئي سدرن گئس انتظاميه جي نااھلي خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين،،،،،،،،

Read Previous

زرعي ترقياتي بئنڪ ڪنڊياري جي اڳوڻي مئينجر ۽ ايم سي او آبادگارن جا لکين روپيه هڙپ ڪرڻ خلاف احتجاج

Read Next

سکر: سوئي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا ھٿن ۾ ٿانو ۽ چلھا۔سبزيون کڻي واري تڙ روڊ تي انوکو احتجاج

Most Popular