توهين رسالت، فرانس خلاف ڀرياروڊ جا سياسي سماجي، مذهبي ڌرين، دوڪاندار، صحافي، اسڪولن جا شاگرد، استاد اڳواڻ ۽ هزارن جي تعداد ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا

ڀرياروڊ .  (رپورٽ  محبوب نوناري) توهين رسالت ۔فرانس خلاف ڀرياروڊ جا سياسي سماجي ۔ مذهبي ڌرين  ۔ دوڪاندار۔ صحافي ۔ اسڪولن جا شاگرد استاد  اڳواڻ هزارين جي تعداد ۾ روڊن تي نڪري آيا ۔ رسول ڪريم صله وسلم جي توهين هر گز برداشت نه ڪئي ويندي ان لاء جانين جا نظرانا ڏيڻ لاء تيار آهيون  ريلي جي مک اڳواڻي حاجي  امتياز آرائين ڪئي ۔ ۽ ڀرياروڊ جي سمورن فرقن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن مولوي اشرف آرائين۔ مولوي حفيظ الرحمان ڪيريو۔ مولوي اشرف آرائين۔ مولوي نعمت الله بروهي ۔ مولوي غلام محمد ڪيريو ۔ ڊاڪٽر عبدالرحمان آرائين ۔مولوي شفيق احمد  ن ليگ اڳواڻ عبدالغفار مغل .  ۽ ٻين  گڏيل طور تي يڪجهتي جو اظهار ڪندي هڪ ئي پليٽ فارم تي خطاب ڪيو ۔ رسول تان جان به قربان آ جا زور دار نعرا نوجوان توڙي معصوم ٻارڙن جي هٿن ۾ پاڪ رسول صله جا بينر پڻ هيا ۔

Read Previous

جميعت علماء اسلام سکر پاران کير ٿر ۽ ٻين ڪئنالن تي 16 مسجدن کي شھيد ڪرڻ واري عمل خلاف تحفظ مسجد ڪميٽي قائم ڪري ورتي

Read Next

لاڙڪاڻو جي ڊي ايڇ او ۽ ان جي سھولتڪارن کي مبينا ڪرپشن

Most Popular